سر شاهنواز ڀٽو لائبريري

سر شاهنواز ڀٽو لائبريري

سر شاهنواز ڀٽو لائبريري

سر شاهنواز ڀٽو لائبريري

سر شاهنواز ڀٽو لائبريري

سر شاهنواز ڀٽو لائبريري: ڀُٽي خاندان جو اهم فرد ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو والد سر شاهنواز خان ڀُٽو پنهنجي دؤر ۾ انهن شخصيتن ۾ شمار ٿيندو هو، جن کي ڪتابن جي مطالعي جو وڏو شوق هوندو هو. هن تعلقي رتيديري جي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀُٽي ۾ هڪ ذاتي لائبرري قائم ڪئي، جنهن ۾ پنجن هزارن کان مٿي ڪتاب موجود هئا. هو جڏهن به ولايت ويندو هو ته قيمتي ۽ ناياب ڪتاب هن لائبرريءَ لاءِ خريد ڪري ايندو هو. اڳتي هلي هن لائبرريءَ ۾ سندس فرزندن سڪندر علي ڀُٽي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڪتابن جو ڪافي واڌارو ڪيو. اڳتي هلي سنڌ جي علم دوست ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ مرحوم 1984ع ۾، لاڙڪاڻي ۾ ’سر شاهنواز ڀُٽو لائبرري‘ جو بنياد رکيو، جنهن ۾ سر شاهنواز ڀُٽي جي رتيديري واري لائبرريءَ جا سمورا ڪتاب منتقل ڪيا ويا. هن لائبرريءَ جو پهريون مرحلو 1986ع ۾ مڪمل ٿيو، جڏهن ته ٻيو مرحلو 94-1993ع ۾ مڪمل ٿيو. هن لائبرريءَ ۾ هيٺيان ڀاڱا قائم ڪيا ويا:
(1) ريفـرنس هال، (2) آڊيٽوريم، (3) ٻارن جو شعبو، (4) سي. ايس. ايس جو سيڪشن، (5) عورتن جو شعبو، (6) اخبارن ۽ رسالن جو شعبو، (7) انٽري ٽيسٽ سيڪشن، (8) مک لائبرريءَ جي ڪتابن جو سيڪشن، (9) بلائينڊ سيڪشن، ۽ (10) لنڪن ڪارنر.
هن لائبرريءَ ۾ روزانو 1000 جي لڳ ڀڳ شاگرد پڙهڻ ايندا آهن ۽ ساليانو پنجن کان ڇهه شاگرد سي. ايس. ايس جي امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا رهيا آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن جي تياريءَ لاءِ پڻ هن لائبرريءَ ۾ هر سال ڪيترا شاگرد ايندا آهن ۽ ڪاميابي حاصل ڪندا آهن. هن لائبرريءَ ۾ 37 روزانيون سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون ۽ چاليهن کان مٿي مخزنون ۽ رسالا باقاعدگيءَ سان ايندا آهن. هن وقت هيءَ لائبرري سينٽرلي ايئرڪنڊيشن آهي، جنهن ۾ ڪيٽلاگنگ کان وٺي انٽرنيٽ ڪيفي تائين جون سهولتون موجود آهن. هن لائبرريءَ ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي اڳوڻي وزير محترمه سسئي پليجو، ميوزيم پڻ منظور ڪيو هو، جنهن تي ڪم هلي رهيو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو